طب مراد (قلمي نسخو

طب مراد (قلمي نسخو

طب مراد قلمي نسخو

طب مراد (قلمي نسخو): هي طب جو فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ٽالپور دؤر جي پهرئين چؤياري جي چوٿين ۽ آخري حڪمران مير مراد علي خان ٽالپر جو لکيل آهي. هي طب ان وقت جي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ پڙهائي ويندي هئي. هي نستعليق واري خط ۾ تحرير ٿيل آهي. جنهن جي سروعات هيئن ٿئي ٿي:
رب يسر بسم الله الرحمن الرحيم و تميم بالخير
محمد بيحد ثناه بيحد بارگاه جلال قدس ڪريمي را... الخ“
پڄاڻي هيئن ٿئي ٿي:
”... ڪتاب مبارڪ متبرڪ طب مراد
ازدست عارف سيوستاني تحرير يافت آمين
ثم آمين
415 صفحن تي مشتمل هن طب جي هر صفحي تي 20 سٽون آهن، جنهن جي ڪتابت مخدوم محمد عارف سيوستاني جي ٿيل آهي. ڪتابت جو سن ڄاڻايل نه آهي. هي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو